لاهور(عوامي آواز نيوز)اپوزيش ۾ ويھجي يا حڪومت جو حصو بڻجي؟ اھو فيصلو ڪرڻ لاءِ جي يو آءِ جي مجلس شوريٰ جا ملڪ جي مختلف شھرن ۾ اجلاس ھلندڙ آھن، جڏھن ته حتمي فيصلو مرڪزي مجلس عمومي جي اجلاس ۾ ٿيندو ۽ اھو پڪو امڪان آھي ته جي يو آءِ جا ڪامياب ٿيل اميدوار استعيفائون ڏئي اسيمبلي کان ٻاھر ٿي ويندا. امداد سومري چيو آھي ته عمران خان حڪومت سازي لاءِ مولانا فضل الرحمن کان مدد طلب ڪري ورتي آھي. مولانا فضل الرحمن پي ٽي آءِ اڳيان اھا شرط رکندو ته خيبر پختو خواه ۾ حڪومت نه ٺاھيو ۽ استعيفائون ڏئي اسان سان روڊن تي جدوجھد ۾ گڏ ٿيو، امداد سومري وڌيڪ اھو به چيو ته جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالھيون ھلنديون رھنديون
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 16 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي