بشريٰ بي بي جي کاڌي ۾ تيزاب وجهڻ جي شڪايت،ليڊي ڪانسٽيبل تبديل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) مولانا فضل الرحمان ۽ عمران خان وچ ۾ قربتون وڌڻ لڳيون بشريٰ بي بي پاران جيل ۾ کاڌي ۾ تيزاب جهڙي شئي ڏيڻ جي شڪايت،جي يو آءِ جو ووٽ عمران خان سان نفرت جي بنياد تي آهي، ناليواري تجزئي نگار عمر چيما چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان عمران خان کي يهودي لابي ۽ ٻين لقبن سان نوازي چڪو آهي.ٻئي پاسي عمران خان به مولانا کي ڊيزل ۽  ٻيا لقب ڏئي چڪو آهي،مولانا چونڊن ۾ خاطرخواهه ڪاميابي نه ملڻ تي مايوس آهي، نواز ليگ کيس اپوزيشن ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي، ٻيو اهو ته فضل الرحمان کي لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ شايد چونڊن ۾ هن سان جٺ ڪري ڇڏي آهي،هن چيو ته فضل الرحمان چونڊن کان اڳ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو به ڪري چڪو آهي، ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حوالي سان ماڻهن جون جيڪي شڪايتون هيون اهي پي ڊي ايم سرڪار ڏانهن منتقل ٿي ويون، اتي مولانا جو سيڻ گورنر آهي، ڪي پي ۾ عمران خان جو ووٽ بئنڪ وڌي ويو، فضل الرحمان چاهي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ٽف ٽائم ڏجي، هن چيو ته اها ڳالهه مشڪل آهي ته هو عمران خان سان گڏ هلي، وڌيڪ امڪان آهن ته مولانا جو ووٽ بئنڪ پي ٽي آءِ ڏانهن منتقل ٿي وڃي،فضل الرحمان پنهنجي ڳالهين جي پاور کي طاقتور بڻائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ وڌائي رهيو آهي، هن چيو ته بشريٰ بي بي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس کاڌي ۾ تيزاب ٽائپ شئي وڌي وئي، منهنجي معدي ۾ 5 ڏينهن کان شديد تڪليف آهي،وات ۾ ڇالا پئجي ويا آهن، ڪا شئي کائي پي نه پئي سگهان، ڊبل روٽي پاڻي ۾ ملائي کائي رهي آهيان،منهنجو جلد کان جلد ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو وڃي،سندس ڌيءُ مريم رياض وٽو ٽوئيٽ ذريعي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، ليڊي ڪانسٽيبل کي اتان هٽايو ويو آهي، جيل اختيارين ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي،باقي ليڊي پوليس ڪانسٽيبل تبديل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي،جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسان وٽ بشريٰ بي بي اڃا تائين کاڌي ۾ تيزاب ملڻ جي شڪايت ناهي ڪئي،ايڪس سروس مين سوسائٽي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻه نمبر ايڪس سروس مين سوسائٽي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هلي رهيو آهي.

نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 16 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.