گهٽڪي/ڪنڌڪوٽ/ روهڙي ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جمعيت علماءَ اسلام ( جَي يو آءِ ف ) جي سڏ تي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
جَي يو آءِ جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ ضلعي گهوٽڪي جي امير اسحاق لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ کي پنجاب سان ملائيندڙ دنگ ڪمون شهيد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي، جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومري به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران گولا موڙ باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون.
روهڙي ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي مبينا ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومري، محمد صالح انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايم فائيو موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري عوامي مئنڊيٽ جي توهين ڪئي وئي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين عوامي مينڊيٽ واپس نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻا جاري رهندا.