اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي سرڪار ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ڊيزل مهانگو ڪر ڇڏيو جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ موجب، ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 73 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا 37 پيسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري زارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي نئين قميت 275 رپيا 62 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 287 رپيا 33 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 16 فيبروري کان 29 فيبروري تائين لاڳو هوندا.
Prev Post
You might also like