اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري صحافي نصرت جاويد چيو آهي ته اليڪشن جي ٻن يا ٽن ڏينهن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان ٻاهر ڪڍيو ويو،جيڪڏهن ٻاهر نڪتو ته ڪيتري دير لاءِ نڪتو؟ جيڪڏهن نه نڪتو ته اتي هن جي ڪنهن سان ملاقات ٿي؟ هن کي جيڪا ڳالهه سمجهائي وئي هئي، اها ڳالهه قيدي نمبر 804(عمران خان) تائين پهچائڻ لاءِ شاهه محمود قريشي بشريٰ بي بي سان 30 کان 40 منٽن جي واڪ ڪئي ته جيئن ڪٿي اهي ڳالهيون رڪارڊ نه ٿي وڃن،ڇو ته ڀتين جا به ڪن هوندا آهن، عمران خان کي چيو ويو آهي ته جيڪي چونڊ نتيجا آيا آهن انهن تي ئي کيڏو،اينڪر عدنان حيدر چيو ته هن وقت پاڪستاني سياست جو مرڪز اسلام آباد جا روڊ،جاتي امرا يا ڪراچي ناهي، بلڪه اڊيالا جيل آهي.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 16 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي