پي ٽي آءِ پاران ڌانڌلين خلاف سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم لاءِ عمر ايوب کي نامزد ڪندي 17 فيبروري تي مبينا ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. بئريسٽر گوهر چيو ته ميان اسلم پنجاب ۾ اسان جو وڏي وزير جو اميدوار هوندو ۽ سالار صاحب بلوچستان ۾ وڏي وزير جو اميدوار هوندو. اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سينيئر اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ملاقات ۾ سندس پارٽي سربراهه سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  بئريسٽر گوهر علي خان دعويٰ ڪئي ته سندس پارٽي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ 180 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي، پر مبينا ڌانڌلي ذريعي سندس مينڊيٽ کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڏهن مهينن کانپوءِ خان سان ملاقات ٿي ۽ سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي، پي ٽي آءِ باني، عمر ايوب کي نامز ڪيو آهي اهو ئي وزيراعظم هوندو. هن چيو ته اٺ فيبروري تي ملڪي تاريخ جي بدترين اليڪشن ٿي، چونڊن ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، مون کي سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪندڙ پارٽين سان رابطو ڪيو ويندو، جي يو آءِ، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ قوم پرست پارٽين سان ڳالهيون ڪنداسين. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته پي ٽي آءِ باني اسد قيصر جي ڀاءُ عاقب الله کي ڪي پي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد ڪيو آهي. سندس چوڻ هوته اليڪشن تي جهڙي طرح آمريڪا کي آواز اٿارڻ گهرجي ائين نه ڪيو، آمريڪا پوري دنيا ۾ جهموريت جو دعويدار آهي ان معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني پيغام ڏنو آهي ته آمريڪا وٽ موقعو آهي ته پنهنجي غلطين جو ازالو ڪري، آمريڪا سدائين ڊڪٽيٽرز جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي سپورٽ ڪيو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڏهن مهينن کانپوءِ خان سان ملاقات ٿي ۽ سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي، پي ٽي آءِ باني، عمر ايوب کي نامز ڪيو آهي اهو ئي وزيراعظم هوندو. هن چيو ته اٺ فيبروري تي ملڪي تاريخ جي بدترين اليڪشن ٿي، چونڊن ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، مون کي سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.