اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 242 جي پولنگ اسٽيشن تي ڀڃ ڊاهه حملي ڪيس ۾ آر او ڀڃ ڊاهه حملي جي ڪيس جي رپورٽ جمع ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو ته آر او پولنگ اسٽيشن ۾ ڀڃ ڊاهه جي ترديد ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب لاڳاپيل پولنگ اسٽيشن پولينگ ۾ ڪائي رڪاوٽ پيش نه ٿي، رپورٽ ۾ چيو وي ته پولنگ اسٽيشن نتيجن به تيار ڪري جمع ڪرايو ويو، قادر مند خيل چيو ته آيل وڊيو جعلي آهي، جڏهن مان پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيس ته بيلٽ پيپلر کليل هئا.
-
شوڪت بسرا جي چونڊ نتيجن خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شوڪت بسرا جي اين اي 163 جي چونڊ نتيجن جي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ڪئي، شوڪت بسرا چيو ته مان الله کي حاضر ناظر ڄاڻي چوان ته جيڪو چوندس ته سچ چوندس، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ تقرير ڪرڻ نه ڏيندس، رڳو قانوني ڳالهه ڪريون شوڪت بسرا چيو ته مان پهريان ڪجهه حقيقتون عدالت ۾ رکڻ چاهيان ٿو،سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، ٻئي نمبر تي ن ليگ جو اميدوار آِيو، 3 نمبر تي آيل اميدوار اعجاز الحق جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، مون وٽ فارم 45 آهي،
-
سيما حيدر جي اڳوڻي مڙس پاران ٻار واپس ڪرائڻ لاءِ ڀارتي وڪيل سان رابطو
ڪراچي(م ڊ)پبجي گيم کيڏندي کيڏندي ڀارتي شهري سچن مينا جي محبت ۾ گرفتار ٿي 4 ٻارن سميت ڀارت ويل عورت سيما حيدر جي اڳوڻي مڙس ٻار موٽائڻ لاءِ ڀارتي وڪيل سان رابطو ڪيو آهي، سيما حيدر جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر موقف ڏيندي چيو ته سيما حيدر 10 مئي 2023ع تي ٻارڙن سميت غير قانون طور ڀارت هلي وئي هئي.