مئُل قرار ڏنل عورت چِتا کي باهه ڏيڻ کان اڳ زندهه ٿي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اڙيسا ۾ مُئل سمجهيل عورت پنهنجي چِتا کي ساڙڻ کان ڪجهه منٽ اڳ زندهه ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اڙيسا رياست جي شهر برهم پور ۾ پهرين فيبروري تي پيش آيو جتي 52 ورهين جي عورت پنهنجي ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي وئي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب عورت جو مڙس کيس فوري طور تي امداد لاءِ اسپتال کڻي ويو جتي ڊاڪٽرن عورت جو جسم 50 سيڪڙو تائين سڙڻ بابت ٻڌايو.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو اهي ته عورت جو واسطو غريب خاندان سان آهي جنهن جو مڙس علاج ڪرائڻ جي سگهه نه رکڻ سبب هن کي گھر کڻي ويو.
خاندان پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته سومر جي ڏينهن عورت پنهنجون اکيون نه کوليون ۽ ائين لڳي پيو ته ڄڻ هوءَ ساهه به نه پئي کڻي تنهنڪري اسان سوچيو ته عورت مري وئي آهي جنهن کان پوءِ اسان پنهنجي خاندان وارن کي سندس موت بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب خاندان پاران موت جي تصديق ڪرڻ کانسواءِ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ کانسواءِ ئي عورت جو آخري رسمون ادا ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون هيون.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته عورت جي چِتا کي باهه ڏيڻ جي تياري آخري مرحلن ۾ هئي ته عورت ڪجهه منٽ اڳ اکيون کوليون جنهن کي ڏسي سڀ حيران ٿي ويا ۽ هنن فوري طور تي کيس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.