آءِ ايم ايف جي شرط تي گئس وڌيڪ 67 سيڪڙو مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي گئس وڌيڪ 67 سيڪڙو مهانگي ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ 100 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي منظوري ڏني آهي.
ذريعن موجب بلڪ ۾ گئس استعمال ڪندڙن لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو اگهن ۾ 900 رپيا واڌ، جڏهن ته سي اين جي سيڪٽر لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو اگهن ۾ 170 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي ڪارخانن لاءِ به گئس جو اگهه معمولي وڌايو ويو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ پهرين فيبروري کان لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.