جماعت اسلامي جي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت جي درخواست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
توهين عدالت جي درخواست صوبائي اسيمبلي اميدوارن، عثمان فاروق ايڊووڪيٽ معرفت داخل ڪرائي آهي، درخواست ڏيندڙن ۾ جنيد مڪاتي، وجيهه الحسن، نصرت الله، محمد احمد ۽ محمد اڪبر شامل آهن.
توهين عدالت جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪندي مخالف اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا.
درخواستگذارن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي هئي ته اميدوارن کي ٻڌي فيصلو ڪيو وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر اسان کي ٻڌڻ بنا فيصلو ڏنو، جيڪا عدالت جي توهين آهي، سڪندر سلطان راجا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.