يوڪرين روس جو سڀ کان وڏو سامونڊي جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيو

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي هٿياربند فوج روسي سامونڊي فوج جو سڀ کان وڏو جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يوڪريني فوج ۽ ڳجهي ايجنسي بحيره اسود ۾ روسي سامونڊي فوج جي سڀ کان وڏي جهاز ڪونيڪوف کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

يوڪرين جي بچاءَ واري وزير پاران جاري ڪيل فوٽيج ۾ روسي سامونڊي جهاز کي ڊرون حملي سان نشانو بڻائيندي ڏٺو ويو آهي، ٻڌايو ويو آهي ته ميگورا (v5) ڊرون جي ذريعي ڪريميا جي الپوڪا نالي سول آبادي ويجهو يوڪرين جي سامونڊي حدن ۾ موجود سامونڊي جهاز کي نشانو بڻايو ويو.

ميگورا (v5)جي مينوفيچرر جو چوڻ آهي ته هنن جا ڊرونز سمنڊ جي سطح کان مٿي 42 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.