پي ايس ايل9، بابر اعظم سميت هر وڏي بيٽر کي آئوٽ ڪرڻ چاهيان ٿو: عبيد شاهه

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڻ مڃائيندڙ پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان فاسٽ بالر عبيد شاهه ميگا ايونٽ لاءِ پنهنجا هدف سيٽ ڪري ڇڏيا آهن.
لاهور ۾ پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عبيد شاهه ٻڌيوته هن پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن لاءِ پنهنجا هدف سيٽ ڪري ورتا آهن، ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ سڀ بيٽرز بهترين آهن، بابر اعظم سميت سڀني کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
عبيد شاهه پنهنجي ڀاءُ نسيم کي پسنديدا بالر قرار ڏيندي چيو ته هن وٽان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ٽنهي ڀائرن کي بالنگ ڪندي مزو ايندو آهي، خواهش آهي ته ٽئي ڀائر ملڪ جي نمائندگي ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.