نواز شريف جي اين اي 15 مانسهرا جو چونڊ نتيجو روڪڻ جي اپيل رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهرا ۾ چونڊ نتيجن بابت نواز شريف جي چونڊ عذرداري جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اين اي 15 مانسهرا ۾ نواز شريف جي عذرداري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
نواز شريف جو وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو پر رٽرننگ آفيسر اين اي 15 مانسهرا پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي.
رٽرننگ آفيسر پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته تڪ جو نتيجو فارم 45 موجب جوڙيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر جي جواب کانپوءِ ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
نواز شريف جو وڪيل دير سان پيش ٿيو ۽ درخواست رد نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر اليڪشن ڪميشن نواز شريف جي وڪيل کي ٻيهر درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
واضح رهي ته نواز شريف اين اي 15 مانسهرا جو چونڊ نتيجو چئلينج ڪندي مخالف اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي اپيل ڪئي هئي.
ان تڪ تان تحريڪ انصاف جو حمايت يافته آزاد اميدوار شهزاده گستاسپ ڪامياب ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.