مودي پاران گڏيل عرب امارتن ۾ مندر جو افتتاح

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي گڏيل عرب امارتن جي پهرين روايتي هندو مندر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب ۾ اماراتي وزير شيخ النهيان بن مبارڪ النهيان ٻه شرڪت ڪئي.

مندي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اماراتي وزير شيخ النهيان بن مبارڪ چيو ته نريندر مودي جو امارتي دورو دوستي ۽ اعتماد جي علامت آهي.

افتتاهي تقريب دوران هندو مندر جي ڪميونٽي هال ۾ ٻنهي ملڪ جا قومي ترانا وڄايا ويا.

اهو مندي 18 فيبروري کان عوام لاءِ کوليو ويندو، ان جي اڏاوت 2018ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي جنهن لاءِ ڳاڙهو ۽ گلابي پٿر ڀارتي رياست راجسٿان مان ۽ نسگ مرمر اٽلي مان آندو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.