منهن جا گھنج ماڻهو جي شخصيت تي ڪهڙا اثر وجهن ٿا

عمر وڌڻ سان منهن تي گھنج پوڻ قدرتي عمل آهي ۽ ان کان بچڻ ممڪن نه آهي.

پر هاڻي منهن تي گھنجن جي موجودگي جي حيران ڪندڙ اثر جو انڪشاف ٿيو آهي.

سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته ماڻهو اهڙن ماڻهن کي گھڻو اعتماد جوڳو تصوير نه ڪندا آهن جن جي چهري تي گھنج نظر ايندا هجن.

اها دلچسپ دعويٰ جرمني ۾ ٿيل تحقيق ۾ سامهون آئي.

Humboldt يونيورستي جي ان تحقيق ۾ 353 ماڻهن کي شامل ڪري گھنجن يا گھنجن کان پاڪ چهرن جي تصوير ڏيکاري وئي.

انهن کي تصوير ڏيکاري پڇيو ويو ته هنن جي نظر ۾ پرڪشش، اعتماد جوڳا ۽ متوازن شخصيت وارا ماڻهو ڪهڙا آهن.

هنن کان اهو به پڇيو ويو ته منهن سان خوشي، ڪاوڙ، اداسي، ڊپ ۽ حيراني جهڙا تاثر ڪيتري حد تائين نظر اچن پيا.

نتيجن مان خبر پئي ته ماڻهن گھنجن وارن چهرن کي گھٽ اعتماد جوڳو قرار ڏنو جڏهن ته اُهي چهرا هنن جي نظر ۾ گھڻا پرڪشش يا خوشگوار به نه هئا.

حقيقت ۾ انهن چهرن کي ڏسي ماڻهن پاران ناڪاري جذبا وڌيڪ ظاهر ڪيا ويا.

اهو اثر عورتن جي گھنجن وارن چهرن تي وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو.

محققن ٻڌايو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته پهريون تاثر ئي آخري تاثر هوندو آهي ۽ ماڻهو گھنجن وارن چهرن بابت جيڪا ناڪاري راءِ قائم ڪندا آهن، اها عام طور تي برقرار رهندي آهي.

ان تحقيق جا نتيجا Acta Psychologica ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.