ن ليگ ۽ پ پ سميت ڪنهن به پارٽي سان اتحاد ناهيون ڪري رهيا: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر ن ليگ ۽ پ پ سان اتحاد وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته عمران خان جو واضح موقف آهي ته انهن پارٽين سان ڪنهن به صورت ۾ اتحاد نه ٿيندو، جڏهن ته ڇنڇر واري ڏينهن سموري ملڪ پُرامن احتجاج ڪيو ويندو.
اڊيالا جيل ٻاهرن ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته ڪنهن کي به جعلي مينڊيٽ سان حڪومت ۾ اچڻ جو حق ناهي، چيو ويو اسان پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان گڏجي حڪومت ٺاهي رهيا آهيون جڏهن ته پي ٽي آءِ باني واضح چيو آهي ته انهن پارٽين سان ڪنهن به صورت ۾ اتحاد نه ڪنداسين.
هن چيو ته پي ٽي آءِ تمام جلد پنهنجي حڪومت ٺاهيندي، پي ٽي آءِ ميان اسلم کي پنجاب ۾ وڏو وزير نامزدڪيو، بلوچستان ۾ وڏ وزارت لاءِ اميدوار سالار هوندو اهڙي ريت ڪي پي ۾ اسپيڪر لاءِ عاقب الله کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته عمر ايوب کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي هن ڇنڇر تي سموري ملڪ ۾ پُر امن احتجاج جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان ڇنڇر واري ڏينهن ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين، تمام سياسي پارٽيون جيڪي اليڪشن کي تسليم نه ٿيون ڪن اهي اسان گڏ پُرامن احتجاج ڪن، اسان پاڪستاني پرچم کڻي احتجاج ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.