روس جلد ڪينسر جي ويڪسين ٺاهي وٺندو!

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن انڪشاف ڪيو آهي ته روس ۾ سائنسدان ڪينسر جي ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهن ۽ جلد موتمار مرض جي ويڪسين تيار ٿي ويندي.
روسي صدر هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته اسان ڪينسر جي ويڪسين ۽ نئين نسل لاءِ مدافعتي دوائون ٺاهڻ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون جيڪي جلد مريضن لاءِ دستياب ٿي وينديون.
هن چيو ته مون کي اميد آهي ته جلد ويڪسين کي انفرادي ٿيراپي جي اثرائتي طريقن جي طور تي استعمال ڪيو ويندو.
پر روسي صدر پيوٽن اهو واضح نه ڪيو ته ڄاڻايل ويڪسين ڪهڙي قسم جي ڪينسر لاءِ ٺاهي پئي وڃي.
واضح رهي ته ڪيترائي ملڪ ۽ ڪمپنيون ڪينسر جي ويڪسين ٺاهڻ تي ڪم ڪن پيون، گذريل سال برطانوي حڪومت جرمن ۾ قائم اداري بائيو اين ٽيڪ (BioNtech) سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن جي مقصد 2030ع تائني 10 هزار مريضن کي ذاتي نوعيت جا علاج فراهم ڪندڙ ڪلينيڪل ٽرائلز شروع ڪرڻ هو.
مشهور فارما ڪمپني (Moderna and Merck & Co) به هڪ تجرباتي ڪينسر جي ويڪسين تيار ڪري رهي آهي جنهن جي وچولي مرحلي جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته اها ميلانوما نالي ويڪسين سڀ کان خطرناڪ کَلَ جي ڪينسر سبب ٿيندڙ موت جي امڪانن کي ڪافي حد تائين گھٽائي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.