ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جو ڪپتان ڪير ؟ فيصلو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) هلندڙ سال آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گذريل ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) جي صدر جئه شاهه اِهو واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ ڀارت 2023ع واري عالمي ڪپ جو فائنل نه کٽي سگهي پر اسان جي ٽيم ميگا ايونٽ جون ڏهه ميچون کٽي تماشائين جون دِليون کٽڻ ۾ ڪامياب رهي، اميد آهي ته ڀارتي ٽيم روهت شرما جي قيادت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندي.
جئه شاهه جو چوڻ هوته روهت شرما ماضيءَ ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري چڪو آهي، هن گذريل مهيني هڪ سال جي وقفي کانپوءِ افغانستان خلاف سيريز ۾ شاندار واپسي ڪئي.
واضح رهي ته روهت شرما 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڀارت لاءِ ڪا به ٽي ٽوئنٽي ميچ نه کيڏي هئي، هو 148 ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪري چڪو آهي جنهن ۾ هن چئن سينچرين جي مدد سان 3 هزار 8 سئو 53 رنسون ٺاهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.