پاڪستان لاءِ کيڏڻ کان انڪار، حارث رئوف جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) فاسٽ بالر حارث رئوف جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اِهو فيصلو آسٽريليا دوري لاءِ پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت کان انڪار کانپوءِ سندس خلاف هلندڙ جاچ جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي.
حارث رئوف خلاف جاچ ڪندڙ ڪميٽي طرفان ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ۽ معاملي ۾ شامل تمام اسٽيڪ هولڊرز جي خيالن کي نظر ۾ رکندي فاسٽ بالر جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ پهرين ڊسمبر 2023ع کان ختم ڪيو ويو آهي ۽ کيس 30 جون 2024 تائين ڪنهن به پرڏيهي ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري نه ڪئي ويندي.
پي سي بي انتظاميا 30 جنوري 2024 تي انصاف جي اصولن مطابق حارث پنهنجي دفاع جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو پر هو ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ کيڏڻ ڪنهن به رانديگرن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ڪنهن به طبي رپورٽ يا انتهائي ضروري ڪارڻ کانسواءِ پاڪستان جي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بڻجڻ کان انڪار سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.