پي سي بي ۾ انتظامي تبديلي کانپوءِ محمد حفيظ جو سفر تمام!

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ انتظامي ڦيرڦار کانپوءِ ڊائريڪٽر طور محمد حفيظ جو ڪردار ختم ٿي ويو آهي.
اطلاع آهن ته اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان کي بورڊ جي اعليٰ عهديدارن ذريعي واضح طور اِهو پيغام ڏنو ويو آهي ته ويجهي مستقبل ۾ سندس خدمتون گهربل نه هونديون.
گذريل سال ڊسمبر جي آخر ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر طور آسٽريليا جي دوري تي روانو ڪوي ويو آهي، نيوزيلينڊ جو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ذڪاءَ اشرف جي ان فيصلي سبب جو محمد حفيظ تمام گهڻو نقصان ٿيو.
ذڪاءَ اشرف جي چيئرمين شپ ۾ محمد حفيظ جهڙي ريت ڪم ڪيو، بورڊ جي ڪجهه آفيشلز لاءِ اِهو طريقيڪار انتهائي ڳڻتي جو سبب بڻيو، جنهن جو پهريون عملي نمونو دوري جي پڄاڻي تي نظر آيو، جڏهن وقتي پي سي بي چيئرمين سان ملاقات کانپوءِ محمد حفيظ کي دوري بابت پريس ڪانفرنس جي اجازت ئي نه ملي سگهي، جنهن کانپوءِ اِهي ڳالهيون سامهون آيو ته چيف ايگزيڪٽيو سلمان نصير ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا محمد حفيظ جي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڊائريڪٽر بڻجڻ تي خوش نه هئا.
ان سلسلي ۾ محمد حفيظ چيئرمين آفيس ۾ موجود نبيلا ۽ ڊائريڪٽر ميڊيا عاليا رشيد سان بار بار رابطو ڪيو پر کيس تسلي بخش جواب نه مليو، جڏهن ته هاڻ چيف ايگزيڪٽيو سلمان نصير وٽان کيس واضح پيغام مليو آهي ته مئنيجمينٽ کيس وڌيڪ وقت ڏيڻ جي خواهشمند نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.