گهوٽڪي: پي ايس 18۾ مهتاب حسين ڏهر ۽ شهريار شر جي حامين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ

گهوٽڪي ( رپورٽر شيراز احمد ) گهوٽڪي جي تڪ پي ايس 18 جي ٻن پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ، علائقي خوف هراس پکڙجي ويو.
پي ايس 18 جي پولنگ اسٽيشنز نمبر 161 علي مراد ڪلهوڙو ۽ پولنگ اسٽيشنز نمبر 162 چاڪر خان ڪولاچي تي فائرنگ ڪئي وئي.
آزاد اميدوار ڄام مهتاب حسين ڏهر ۽ پ پ اميدوار سردار شهريار شر جي حامين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءِ علائقي خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.
پرزائيڊنگ آفيسر موجب، فائرنگ کانپوءِ ٻئي پولنگ ووٽنگ جي عمل لاءِ بند ڪيون ويون آهن.
پرزائيڊنگ آفيسر جو چون آهي ته فائرنگ کانپوءِ پولنگ اسٽيشنز تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ پاڪ فوج جا نوجوان هاءِ الرٽ آهن.
صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 18 تي اڄ صبح اٺ وڳي کان پولنگ جو عمل شروع ٿيو، ٻنهي پولنگ اسٽيشنز تي اٽڪل ٽين وڳي تائين ووٽنگ جو ٽرن آئوڦ 1050+ 800 تائين پهچي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.