راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي عمر ايوب سندن وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار هوندو.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڏهن مهينن کانپوءِ خان سان ملاقات ٿي ۽ سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي، پي ٽي آءِ باني عمر ايوب کي نامز ڪيو آهي اهو ئي وزيراعظم هوندو.
هن چيو ته اٺ فيبروري تي ملڪي تاريخ جي بدترين اليڪشن ٿي، چونڊن ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، مون کي سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪندڙ پارٽين سان رابطو ڪيو ويندو، جي يو آءِ، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ قوم پرست پارٽين سان ڳاليهون ڪنداسين.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته پي ٽي آءِ باني اسد قيصر جي ڀاءُ عاقب الله کي ڪي پي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد ڪيو آهي.
سندس چوڻ هوته اليڪشن تي جهڙي طرح آمريڪا کي آواز اٿارڻ گهرجي ائين نه ڪيو، آمريڪا پوري دنيا ۾ جهموريت جو دعويدار آهي ان معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني پيغام ڏنو آهي ته آمريڪا وٽ موقعو آهي ته پنهنجي غلطين جو ازالو ڪري، آمريڪا سدائين ڊڪٽيٽرز جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي سپورٽ ڪيو.
You might also like