اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت واري معاملي تي عدالتي مددگار خواجا حارث سپريم جڊيشل ڪائونسل جي وڌيڪ مدد ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن دوران شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.
جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي دوران عدالتي مددگار خواجا حارث موقف اختيار ڪيو ته سندس وڪالت نامو جسٽس مظاهر نقوي جي جج ٿيڻ تائين ئي هو، جيڪو هاڻي رد ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اهڙي قسم جا سوال شوڪت عزيز صديقي ڪيس ۾ به آهن.
جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته شوڪت عزيز صديقي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن اوهان شاهدن کان آڏي پڇا ڪرڻ چاهيو ته ڪائونسل کي ٻڌائي ڇڏجو.
خواجا حارث چيو ته رٽائرڊ ججز خلاف ڪارروائي بابت سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪيس ٻڌي رهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جَي عافيا شهر بانو ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪنداسين، شوڪت عزيز صديقي ڪيس ۾ فيصلو محفوظ آهي، جسٽس نقوي خلاف شاهدن کي سڏايو ويو هو، اڄ سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويندا.
اجلاس دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پنجن شاهدن جي فهرست سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته سندس پهريون شاهد ڪنٽرولر ملٽري اسٽيٽ آهي.
ان دوران وڪيل خواجا حارث سپريم جڊيشل ڪائونسل جي وڌيڪ مدد ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس مظاهر نقوي گذريل مهيني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جيڪا صدر منظور ڪري ورتي هئي جڏهن ته سپريم جڊيشل ڪائونسل اڳوڻي جج جي استعيفيٰ باوجود ڪائونسل جي ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.
You might also like