اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ۽ اسان پنهنجي ذميواريون ڀرپور طريقي سان نڀائيندا آهيون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عام چونڊن ۾ پرڏيهي مبصرن کي به دعوت ڏني وئي هئي.
ترجمان چيو ته ملڪ ۾چونڊ عمل پاڪستان جو اندرني معاملو آهي، پاڪستان پنهنجي آئيني فرض سنجيدگيءَ سان ادا ڪيو ۽ اسان پنهنجون آئيني ذميواريون ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا آهيون.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن هن چيو ته پاڪستاني شهرين کي ملڪ جي سياسي عمل تي ڳالهائڻ جو حق حاصل آهي ان تي اسان تبصرو نه ڪنداسين.
ترجمان جو چوڻ هوته پاڪستان رفع شهر ۾ اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو، او آءِ سي به اسرائيلي جارحيت تي خبردار ڪيو آهي ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد سميت فلسطينن جو قتل عام روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو.
اليڪشن ملڪ جو اندروني معاملو آ، شهرين کي سياست تي ڳالهائڻ جو حق حاصل آهي: پرڏيهي ترجمان
You might also like