علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
علي امين گنڊاپور خلاف آزاد ڪمشير جي چونڊن ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو ڪيس آهي.
ڊيرا اسماعيل خان جي ڊپٽي ڪمشنر کي علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جو خط جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور کي 28 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي روبرو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف درخواست وڪيل راجا ذوالقرنين 2021 جي اليڪشن دوران داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.