اميتاڀ بچن ۽ سندس زال ڪيترا امير آهن؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي جي مشهور جوڙي اميتاڀ ۽ جيا بچن جي گڏيل اثاثن جي ماليت جا تفصيل سامهون اڇي ويا.
تازو ئي جيا بچن اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جنهن کان پوءِ ٻنهي مالي اثاثن جا تفصيل سامهون آيا.
اداڪارا جيا بچن سماج وادي پارٽي پاران راجيا سڀا جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس نامزدگي ڪاغذن ۾ ڏنل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيا ۽ اميتاڀ بچن جي گڏيل اثاثن جي ماليت 1578 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ آهي.
جيا بچن جي حلف نامي موجب هن وٽ 40.97 ڪروڙ رويپن جا زيور ۽ 9.82 لک روپين جي گاڏي آهي.
واضح رهي ته جيا بچن تازو ئي ڪرن جوهر جي فلم ”راڪي اور راني جي ڪي پريم ڪهاني“۾ ڪم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.