سڊني ( ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر جوڙي مچل اسٽارڪ ۽ ايليسا هيلي جو قيمتي گهرو وڪامي ويو،
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪرڪيٽر جوڙي جو گهر 8 ڏهائي 5 ملين ڊالرز ۾ وڪيو ٿيو، پاڪستاني ڪرنسي ۾ گهر جي ماليت ڏيڍ ارب رُپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي.
مچل اسٽارڪ ۽ ايليسا هيلي اتر سڊني جي هڪ مهانگي علائقي نارٿ ڪرل ڪرل موجود پنهنجو گهر رعايتي اگهه ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، گهر جي ماليت نو ملين مقرر ڪئي وئي هئي پر اِهو 5.8 ملين ڊالرز ۾ وڪرو ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل سال نومبر ۾ نيلامي دوران گهر وڪرو نه ٿي سگهي هو، پنج بيڊ رومز تي ٻڌل ڊيزائينر هوم جوڙي 2016ع ۾ 5.5 ملين ڊالرز ۾ خريد ڪيو هو.
اِهو گهر اڳوڻي مس يونيورس جينيفر هاڪنز ۽ سندس مڙس جيڪ وال مشهور آرڪٽيڪٽ کان ٺهرايو هو.
آسٽريلوي جوڙي گذريل سال سڊني جي مشهور علائقي فوريسٽ ڊسٽرڪٽ ۾ 24.5 ملين ڊالرز ۾ لگزري گهر خريد ڪيو هو، گهر جي قيمت لوڪل مارڪيٽ ۾ تمام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا.
You might also like