سعود شڪيل، سرفراز ۽ روسو بابت ڇا ٿو سوچي؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گيلڊي ايٽرز جي نائب ڪپتان سعود شڪيل چيو آهي ته ڪپتان کي هٽائڻ جو فيصلو ٽيم مالڪن جو هوندو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ سعود شڪيل چيو ته پي ايس ايل لاءِ گذريل ڪيئي ڏينهن کان تياري ڪري رهيون آهيان، هن سيزن ۾ سٺو ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهيان.
سعود شڪيل چيو ته موقعو مليو آهي ان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، سرفراز احمد سينيئر ۽ وڏي ڀاءَ جيان آهي، سندس ٽيم لاءِ ساڳيو ئي ڪردار هوندو، هو ٽيم کي ڪاميابي جي ٽريڪ تي آڻيندو.
هن چيو ته ڪپتان رائيلي روسو سموري دنيا ۾ ليگز ڪرڪيٽ کيڏي ٿو، کيس اندازو آهي ته ٽيم کي ڪيئن کڻي هلڻو آهي، ڪپتان کي اندازو آهي ته سٺو ڪمبينيشن ڪئين ٺاهجي.
سعود شڪيل چيو ته محمد عامر ورلڊ ڪلاس بالر آهي، سندس موجودگي سان ٽيم کي فائدو ٿيندو، هو سموري دنيا جي ۾ ٿيندڙ ليگز جي پهرين چوائس آهي، نائب ڪپتاني جو ڪو دٻاءُ نه آهي، جڏهن به ڪپتاني جو موقعو مليو ان مان لطف ورتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا جي گذريل ٻن سيزن جي ڪارڪردگي تي ڏاڍو بحث ٿي رهيو آهي پر ان باجود ميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ هاڻي به اسان جي ڪاميابين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.