فوج ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي، خاطري ڪرايو ته رڳو دفاع جو ڪم ڪندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته فوج مليل زمينن تي شادي هال ۽ ٻيا ڌنڌا شروع ڪري ڇڏيا آهن، سڀني کي پنهنجي مينڊيٽ ۾ رهڻ گهرجي، خاطري ڪرايو ته فوج جو دفاع جو ڪم ڪندي ڪاروبار نه، فوج پنهنجو ڪم ڪري ۽ عدالتون پنهنجو ڪم ڪن.
دفاعي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس چيو ته فوج ڏنل زمينن تي شادي هال ۽ ٻيا ڌنڌا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
هن اٽارني جنرل کي چيو ته خاطري ڪرايو ڌنڌا نه ڪندئو ته ٺيڪ آهي، سڀني کي پنهنجي مينڊيٽ ۾ رهڻ گهرجي، خاطري ڪرايو ته فوج رڳو دفاع جو ڪم ڪندي ڪاروبار نه، فوج پنهنجو ڪم ڪري عدالتون پنهنجو ڪم ڪن.
اٽارني جنرل چيو اصول ته اهو ئي آهي ته سڀ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪن.
چيف جسٽس چيو جيڪڏهن توهان کي اهڙيون هدايتون آهن ته عدالت کي خاطري ڪرايو، اي ٽي پي بي وڪيل چيو ته جنهن بلڊنگ تان تڪرار شروع ٿيو، اها ڇڏيل ملڪيتن بابت بورڊ جي آهي، الاٽيز جعلي دستاويزن تي زمين پنهنجي نالي ڪري وڪرو ڪري ڇڏي، هاڻ اتي 5 ماڙ عمارت بيٺي آهي.
چيف جسٽس چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملي ڀڳت بنا غير قانوني اڏاوتون ممڪن ناهن، ايس بي سي اي جي انسپيڪٽرن ۽ مٿي جي آفيسرن جا اثاثا چيڪ ڪرڻ گهرجن، ڪراچي جي سب رجسٽرارز جي اثاثن جي آڊٽ به ايف بي آر کان ڪرائڻ گهرجي، آمدني کان وڌيڪ سڀني اثاثن جي رقم مسمار ڪيل عمارتن جي رهواسين کي ملڻ گهرجي، سنڌ حڪومت اها انڪوائري ڪڏهن نه ڪندي.
ڊي جي ايس بي سي اي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن کان چيف جسٽس پڇيو ته ايس بي سي اي ۾ ڪيترا انسپيڪٽر ۽ آفيسر آهن؟
ڊي جي ٻڌايو ته مجموعي طور تي 1400 ملازم آهن، جن ۾ 600 بلڊنگ انسپيڪٽر ۽ 300 سينيئر انسپيڪٽر شامل آهن.
پوءِ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته عمارتون مقرر حد کان اوچيون ٺاهيون ويون ۽ رهائشي زمين کي واپاري سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو ويو، بلڊرن جي کيسي ۾ پئسا وڌا ويا ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اکيون ٻوٽي ڇڏيون، بلند عمارتون ڪيرائڻ سان اتي رهندڙ عوام متاثر ٿيندو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته منظور ٿيل بلڊنگ پلان، فلورن جي انگ جا مڪمل تفصيل تعمير ٿيل عمارت تي لڳايا وڃن، خريدار جي سهولت لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رابطي جا نمبر به لڳايا وڃن ته جيئن تصديق ٿي سگهي.
عدالت سمورا تفصيل هر عمارت تي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 60 ڏينهن ۾ ڪنهن عمارت جي تعمير مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري، بلڊرن کي ڪو فرق نٿو پئي، اصل مسئلو رهواسين جو آهي.
عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.