فضل الرحمان چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي نتيجا رد ڪري ڇڏيا ۽ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عامله جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي مجلس عامله چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي شفاف چونڊن جي بيان کي رد ٿا ڪيون.
هن چيو ته پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏي آهي، لڳي ٿو ته هاڻ فيصلا ايوان نه ميدان ۾ ٿيندا، پارليامينٽ ۾ شرڪت احتجاج سان ٿيندي، جي يو آءِ پارلياماني ڪردار ادا ڪندي پر اسيمبلين ۾ شرڪت خدشن سان گڏ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي صوبائي جنرل ڪائونسلز جون ميٽنگون ٿينديون ۽ فيصلو ڪيو ويندو ته پارليامينٽ ۾ ويهون يا نه، اسان کي ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏني وئي، اسان جو ڏوهه اهو آهي ته آمريڪا ۽ اولهه دنيا لاءِ جي يو آءِ قبول ناهي، اسان پ پ يا ن ليگ ڪنهن جا تابعدار ناهيون، ڪنهن پارٽي جا اتحادي نه بڻجنداسين.
فضل الرحمان چيو ته ن ليگ کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو اسان گڏ اپوزيشن ۾ ويهو، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ڌانڌلي ٿي آهي ته اچي اسان سان گڏ بيهي، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ڌانڌلي ناهي ٿي ته وڃي ويهي ۽ عياشي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.