ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ”نيويگيٽنگ ڊسٽرڪشن اينڊ انوويشن ان بزنس ايجوڪيشن“ جي عنوان هيٺ يارهين ڊينز ۽ ڊائريڪٽر ڪانفرنس 2024 پڄاڻي تي پهتي.
نيشنل بزنس ايجوڪيشن ايڪريڊٽيشن ڪائونسل جي ميزباني هيٺ هن ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان وي سيز، ڊينز، ڊائريڪٽر، ساڃهه وندن، تعليمدانن ۽ انڊسٽري جي ماهرن شرڪت ڪئي ۽ بزنس ايجوڪيشن جي مستقبل بابت تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ترقي صنعت جي منظرنامي تي ويچار ونڊيا.
ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي پنهنجي افتتاحي تقريب ۾ چيو ته آءِ بي اي کي هن معتبر ڪانفرنس جو خاص پارٽنر ٿيڻ تي خوشي آهي ۽ هو مقامي ۽ عالمي وفدن کي ڀليڪار چوي ٿو. ڊاڪٽر زيدي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته معياري تعليم تائين رسائي هر پاڪستاني شهري جو حق آهي، اسان کي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ۽ آبادي کي مناسب طور تي تعليم ڏيارڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پبلڪ سيڪٽر جي اعليٰ تعليمي اداري جي حيثيت ۾ آءِ بي اي کي پاڪستان جي بهترين خانگي شعبي جي يونيورسٽين جي مقابلي ۾ فخر محسوس ٿئي ٿو ۽ سڀني يونيورسٽين لاءِ هڪ مثال آهي.
ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي تجربيڪار آءِ بي اي فيڪلٽي ميمبرن، ڊينز، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز مختلف صلاحيتن تي ڳالهايو ۽ پينل سيشنز ۾ حصو ورتو. ڊاڪٽر زيدي ”ڊرائيونگ ايڪسيلنس ٿرو اسٽريٽجڪ اڪيڊمڪ اينڊ انڊسٽري پارٽنرشپس“ جي عنوان هيٺ هڪ سيشن ۾ پينلسٽ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو. جڏهن ته ڊين اسڪول آف بزنس اسٽڊيز ڊاڪٽر عبدالله شيخ ”نورچرنگ ريسپانسبل اينڊ ايٿيڪل ليڊرشپ ان بزنس اسڪولز“ جي عنوان هيٺ هڪ سيشن جو انتظام ڪيو.
12 کان 13 فيبروري تائين جاري رهندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن بحث مباحثن، پريزنٽيشنز ۽ انٽرايڪٽو ورڪشاپس ۾ مصروف رهيا جن جو مقصد بزنس ايجوڪيشن جي دائري ۾ ڏکيائين ۽ پيش ايندڙ چيلينجز کي منهن ڏيڻ هو. ڪانفرنس نصاب ۽ تدريس کي ترتيب ڏيڻ کان ويندي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ ۽ ڪاروباري ذهنيت کي هٿي ڏيڻ سميت بزنس ايجوڪيشن جي هميشه تبديل ٿيندڙ منظرنامي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف حڪمت عملين تي ويچاريو.