نواز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ کان انڪار، پرچائڻ جون ڪوششون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ طرفان ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو ويو آهي پر ذريعن جي دعويٰ آهي ته نواز شريف وزيراعظم بڻجڻ کان انڪاري آهي.
ن ليگ، پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سياسي جماعتن جي اجلاس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي صدر چئي مخاطب ڪيو ۽ ذريعن جي دعويٰ آهي ته اتحادي حڪومت ۾ ملڪ جو ايندڙ صدر آصف زرداري هوندو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف وزيراعظم بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب نواز شريف کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ٻي صورت ۾ شهباز شريف وزيراعظم طور مضبوط اميدوار آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اياز صادق جو نالو به وٺي رهيا آهن.
واضح رهي ته پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه پڻ تجويز ڏني هئي ته نواز شريف کي اخلاقي طور تي وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار نه بڻجڻ گھرجي، وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف يا اياز صادق متبادل اميدوار ٿي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.