اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ، پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي ملڪي سياسي جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آصف زرداري، شهباز شريف، خالد مقبول صديقي ۽ صادق سنجراڻي شرڪت ڪئي.
سياسي جماعتن جي اجلاس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي صدر چئي مخاطب ڪيو ۽ ذريعن جي دعويٰ آهي ته اتحادي حڪومت ۾ ملڪ جو ايندڙ صدر آصف زرداري هوندو.
واضح رهي ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر وزارتون نه وٺنداسين.
You might also like