مودي حڪومت خلاف ڀارتي هارين جو احتجاج

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مودي حڪومت ڀارتي هارين سان ڪيل واعدا نه پاڙي سگھي.
ڀارتي هارين فصلن جي بهتر اگھن جو واعدو، مسئلن جي حل تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي مودي حڪومت خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي هاري اڄ دهلي ڏانهن مارچ ڪري رهيا آهن، هارين جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي دهلي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پنجاب هريانه بارڊر تي احتجاج ڪندڙن هارين تي پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 2021ع ۾ مودي حڪومت جي واعدن تي هارين پنهنجو احتجاجي ختم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.