سکر: پيرن جي حويلي مان گم ڄاڻايل ناري جي بازيابي جو حڪم

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ايس ايس پي خيرپور کي پيرن جي حويلي مان گم ڄاڻايل ناري کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پيرن جي حويلي مان گم ڄاڻايل ثنا گراماڻي جي بازيابي لاءِ سندس پيءُ ديدار گراماڻي جي داخل ڪرايل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ارشاد علي شاهه تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي .

ٻڌڻي دوران ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پيش ٿيا.

عدالت ثنا گراماڻي جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد جوابدار سهيل شاهه جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

وڪيل موجب پيرن جي حويلي مان ثنا گراماڻي لاپتا ٿي وئي آهي گهڻو عرصو گذرڻ باوجود ان کي پوليس بازياب ناهي ڪرايو ، ثنا گراماڻي جي حياتي خطري ۾ آهي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

ايس ايس پي سميع الله سومرو عدالت کي درخواست ڪئي ته 15 ڏينهن مهلت ڏني وڃي ثنا گراماڻي کي پيش ڪيو ويندو.

عدالت پيش نه ٿيندڙ الزام آيل سهيل شاهه کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايس ايس پي خيرپور کي پيرن جي حويلي مان گم ٿي ويل ثنا گراماڻي کي 5 مارچ تي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.