راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر عدنان سرور کي قتل ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ايم پي اي چوڌري عدنان تي پوليس لائنز ڀرسان حملو ڪيو ويو، اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ چوڌري عدنان مارجي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي. ياد رهي ته تازين چونڊن ۾ چوڌري عدنان اين اي 57 راولپنڊي ۽ پي پي 19 تان آزاد اميدوار طور حصو ورتو هو. هو 2018ع ۾ پنجاب اسيمبلي ميمبر چونڊيو هو ۽ 9 مئي سانحي کانپوءِ پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي ويو هو.