ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي طرفان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ چونڊن نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ، نتيجا دير سان جاري ڪرڻ خلاف خرم شير زمان، جمال صديقي، ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن تقريرون ڪندي چيو ته چونڊن نتيجن ۾ دير ڪرڻ ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري پي ٽي آءِ جي کٽيل اميدوارن کي هارائي پاڪستان کي غير جانبدار عالمي ادارن ۽ پرڏيهي ملڪن آڏو بدنام ڪيو ويو، جنهن جو سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي .هنن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان ڦري اتان کان ڌانڌلي جي شروعات ڪئي. خرم شير زمان، دعوا خان سميت ڪراچي ۾ ٻين کٽيل اميدوارن جي جاءِ تي ڪجهه هزار ووٽ کڻندڙ اميدوارن ۽ سندن پارٽي کي گهر ويٺي ڪاميابي پليٽ ۾ رکي ڏني وئي جنهن تي هو پاڻ حيران آهن ته هي ڪهڙي قسم جي سوڀ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اڪرم راجا، فهيم خان، ڊاڪٽر ياسمين راشد، عثمان ڊار جي ماءُ ڪاميابي جي اعلان بعد کين هارايل ڏيکاري ملڪ جي بدنامي ڪئي وئي ۽ جيڪا وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪوڙيون حڪومتون ٺهنديون اهي عوام جا درد گهٽائڻ بدران بجيٽ ادارن ۾ ويٺل ڪامورن جي عياشي تي خرچ ڪندا جن کين ڪوڙي فتح ڏيکاري آهي.