ڪو ڏينهن ايندو جو پوري سنڌ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان هوندي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر ڪنوينئر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄ آئون دل سان ايم ڪيو ايم باني کي معاف ڪريان ٿو.

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان تحت شڪراڻي جي ڏهاڙي جي جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته 8 سال اڳ منهنجي قوم جي نالي تي جيڪو ڪيو ويندو هو ان تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو هو، اڄ هي اُهو ئي جناح گرائونڊ آهي جتان پاڪستان ۽ پاڪستانين جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هتان وڃڻ کان پوءِ انسان انسان جو دوست بڻبو، ڪنهن کي مارڻ جي ڳالهه نه ٿيندي.

هن چيو ته پورو پاڪستان طعنه هڻندو هو ته هي شهر ۽ مينڊيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو نه آهي، هڪ هيلو جو آواز ايندو ۽ سڀ کسجي ويندو، ڪراچي وارن ٻڌائي ڇڏيو ته ڪراچي ڪلهه به ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هو ۽ اڄ به ايم ڪيو ايم پاڪستان جو آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ هو ته اڄ آئون دل سان ايم ڪيو ايم جي باني کي معاف ڪريان ٿو، اڄ رب مون کي ۽ منهنجي پارٽي کي ڪاميابي ڏئي ڇڏي آهي، هڪ ڏينهن ايندو جو پوري سنڌ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان هوندي.

سندس چوڻ هو ته اسان شهر ۾ ست سئو کان وڌيڪ نوجوانن کي بازياب ڪرايو، انهن جو ڪيس وڙهيو، آئون هن جي خاطر پنهنجي پارٽي ختم ڪئي، ميرپورخاص ۾ مون تي پٿراءُ ڪيو ويو ۽ ساٿين تي گوليون هلايون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.