قطر مسلسل ٻيو ڀيرو ايشين ڪپ فٽبال جو ٽائيٽل کٽي ورتو

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر ايشين ڪپ فٽبال جو ٽائيٽل مسلسل ٻيو ڀيرو کٽي ورتو.
دوحا جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ گهڻو وقت اردن حاوي رهيو پر ان جا رانديگر ملندڙ موقعن مان فائدو نه کڻي سگهيا.
دفاعي چيمپيئن قطر طرفان ٽنهي گول اڪرم عفيف پينلٽي ڪڪس تي ڪيا.
اڪرم عفيف پهريون گول 22هين، ٻيو 73هين ۽ ٽيون گول ٻئي هاف جي انجري ٽائم ۾ اسڪور ڪيو، جڏهن ته اردن جو واحد گول يازان 67هين منٽ ۾ ڪيو.
اهڙي ريت قطر فائنل ۾ اردن کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.