پي ايس ايل 9، سرفراز احمد، محمد عامر بابت وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ايس ايل فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي قائد سرفراز احمد چيو آهي ته فاسٽ بالر محمد عامر ٽيم لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته محمد عامر ٻن ورهين دوران ليگ ڪرڪيٽ ۾ جنهن به ٽيم جي نمائندگي ڪئي اِها ٽاپ تي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته محمد عامر ۽ سهيل خان نئين ۽ پراڻي بال جا ماهر آهن، پرڏيهي رانديگر جيڪڏهن پي ايس ايل شروع ٿيڻ کان اڳ اچن تي سٺو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.