اعصام الحق پاڪستان ٽينس فيڊريشن جو صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد ( ويب ديسڪ ) ٽينس اسٽار اعصام الحق ايندڙ چئن سالن لاءِ پاڪستان ٽينس فيڊريشن جو صدر چونڊجي ويو.
پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدارتي چونڊن ۾ قومي ٽينس اسٽار اعصام الحق 15 مان اٺ ووٽ حاصل ڪري صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته ساڻس مقابلو ڪندڙ اصغر نواز کي ست ووٽ مليا.
ان کانسواءِ ڪرنل رضا کي سيڪريٽري، عارف قريشي کي فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو .
پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي نون عهديدارن جو ايندڙ چئن سالن لاءِ چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي چيف سيڪريٽري شڪيل دراني اليڪشن ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.