قومي اسيمبلي سيٽن جا نتيجا، آزاد اميدوارن کي سرسي، ن ليگ ٻئي نمبر تي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي 265 مان 255 سيٽن جا نتيجا اچي ويا جڏهن ته قومي اسيمبلي جي 10 سيٽن جي نتيجن جو اڃا انتظار آهي.
قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدار 99 سيٽون کٽي سڀني کان اڳڀرا آهن، ن ليگ 73پيپلز پارٽي 54 ، ايم ڪيو ايم پاڪستان 17، ق ليگ ۽ جي يو آءِ 3،3 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ ضياءَ، اي اين پي، بي اين پي ۽ ايم ڊبليو ايم جي 1،1 سيٽ کٽي آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب، آزاد اميدوار قومي اسيمبليءَ جي 99 تڪن تي ڪاميابي ماڻي سڀني کان اڳتي آهن جڏهن ته 71 سيٽون کٽي ن ليگ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اُڀري آهي.
واضح رهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کانپووءِ اڃا تائين مڪمل نتيجا سامهون ناهن آيا جڏهن ته ڪجهه پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام مڙهي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.