حڪومت سازي بابت نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ اڄ ملاقات جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ اڄ ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ حڪومت سازي لاءِ ڳالهه ٻول ڪئي ويندي، ٻنهي پارٽين طرفان پنهنجي، پنهنجي وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن موجب، اڄ جاتي امرا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آصف زرداري سان بلاول ڀٽو زرداري به ساڻ هوندو، جڏهن ته ن ليگ طرفان مريم نواز، شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار موجود هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول هن وقت اسلام آباد ۾ موجود آهن ۽ جلد لاهور لاءِ نڪرندا، ملاقات لاءِ پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي به سرگرم آهي.
ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي پارٽين طرفان پنهنجي، پنهنجي وزيراعظم جو نالو پيش ڪيو ويندو، اڳواڻ فيصلو ڪندا ته ڪهڙي پارٽي جو صدر ۽ ڪهڙي جماعت جو وزيراعظم ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻئي پارٽيون متفق نه ٿيون ته آزاد اميدوار پنهنجي حڪومت ٺاهي وٺندا جنهن خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ئي اڄ ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ ملاقات ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.