پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ بئريسٽر سيف ڪي پي ڪي ۾ حڪومت سازي لاءِ جماعت اسلامي سان رابطو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، حڪومت سازي لاءِ ڪي پي ۾ آزاد ميمبرن جي جماعت اسلامي سان ڳالهه ٻول ٿي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي پشاور جي امير بحر الله خان ايڊووڪيٽ رابطن جي تصديق ڪئي.
بحر الله خان پي ٽي آءِ قيادت سان بظابطا رابطي جي تصديق ڪندي چيو ته بئريسٽر سيف ساڻس صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.