خوبصورت هجڻ به زندگي ڏکي بڻائي ٿو: مومنه اقبال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ادڪارا مومنه اقبال پنهنجي خوبصورتي تي پنهنجن دلچسپ خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ خانگي ٽي وي جي شو ۾ اداڪارا مومنه اقبال مهمان طور تي شرڪت ڪئي جتي هن انڊسٽري ۽ ذاتي زندگي جي حوالي سان مختلف رخن تي ڳالهايو.

پروگرام جي ميزبان پاران پڇيل سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا چيو ته اسڪول کان وٺي انڊسٽري تائين خوبصورتي جي ڪري پريشانين کي منهن ڏنو آهي.

هن چيو ته ڪيرئير ۾ خوبصورتي ڪا خاص مدد ناهي ڪئي پر خوبصورتي ڪيريئر تي گھڻو ڪري ناڪاري اثر ئي وِڌا آهن.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته اوهان جي ڀرپاسي وارا ماڻهو غير محفوظ ۽ ساڙ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اوهان انهن مان بُرائي محسوس ڪرڻ لڳندا آهيو، اهڙيءَ طرح خوبصورتي مون لاءِ رڳو مسئلا پيدا ڪيا آهن جنهن جو تجربو آئون پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.