ڊالر کي هٿيار بڻائڻ آمريڪا جي سنگين غلطي آهي: روسي صدر

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي ۾ ڊالر کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ آمريڪا جي وڏي غلطي آهي.

2022ع کان شروع ٿيل روس -يوڪرين جنگ کان پوءِ روسي صدر پهريون ڀيرو ڪنهن اولهه ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڊالر کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ سان آمريڪي معيشت متاثر ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ آمريڪي طاقت ڪمزور ٿي.

ولاديمير پيوٽن چيو ته ڪجهه ملڪن جي واپار کي محدود ڪري ۽ اثاثن کي منجمد ڪري آمريڪا دنيا کي غلط سگنل ڏنو، اهي اُهي اهم سازشو هيون جن آمريڪا جو ڀرم دنيا تي قائم رکيو.

پيوٽن جو چوڻ هو 2022ع تائين 80 سيڪڙو روسي پرڏيهي ڏي وٺ ڊالر ۾ ڪئي ويندي هئي جڏهن ته ٻين ملڪن جي 50 سيڪڙو ڏي وٺ آمريڪي ڊالر ۾ ڪئي ويندي هئي، هاڻ اهو انگ 31 سيڪڙو تائين گھٽجي چڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪرنسي جو استعمال به وڌيو آهي.

روسي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2022ع ۾ اسان جي 3 سيڪڙو ڏي وٺ يو آن ۾ هئي جيڪا اڄ 34 سيڪڙو ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.