پراڻي زماني کان کاڌن ۾ ذائقي ۽ خوشبو لاءِ استعمال ٿيندڙ ”ڦودنو“ انساني صحت لاءِ به ڪيترن ئي طريقن سان فائديمند آهي.
ڦودني جي جو واسطو لاميسي خاندان سان آهي جنهن جي خاصيت ان ۾ موجود خوشگوار خوشبو آهي.
ٿڌي تاثير لاءِ ڦودنو انسان جي حِس کي پرسڪون احساس ڏيندو آهي، اهو پاڪستان، ڀارت، برازيل ۽ چين ۾ پوکيو ويندو آهي.
ان ۾ پولي فينولز ۽ ڪيفيڪ ايسڊ شامل آهن، سڄي دنيا ۾ ان کي فنگل انفيڪشن جي علاج لاءِ وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويندو آهي.
گرمين جي موسم ۾ ڦودنو جسم ۽ دماغ تي تازگي بخشيندڙ اثر وجهندو آهي، اهو صحت لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب آهي.
دٻاءُ (اسٽريس) جي سطح ۾ گھٽتائي
ڦودني جي تيز ۽ تازگي بخشيدنڙ خوشبو اسٽريس کي گھٽ ڪري انساني جسم ۽ دماغ کي تازو رکندي آهي.
ڦودنو رت ۾ ڪورٽيسول جي سطح کي به منظم ڪندو آهي جيڪو دٻاءَ گھٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
کَلَ جي صحت
ڦودني جي پنن ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ روسمارينڪ ايسڊ (rosmarinic acid) کَل ۾ رت جي گردش کي بهتر بڻائڻ ۽ کَلَ کي هائڊريٽ ڪرڻ ۾ فائديمند آهي.
اهو کَلَ کي فري ريڊيڪل نقصان کان بچائيندي گھنجن ۽ ليڪن سان چهري کي محفوظ رکندو آهي.
ڦودني جي پنن ۾ موجود سيليسيلڪ ايسڊ ۽ وٽامن اي جا فائدا کَلَ ۾ سيبم جي تيل جي خارج ٿيڻ کي ڪنٽرول ڪندا آهن.
هاضمي جي نظام ۾ بهتري
ڦودنو هاضمي جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ هاضمي جي انزائمز کي متحرڪ ڪندو آهي. اهو کاڌي ۾ موجود غذائيت کي جذب ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي.
جڏهن جسم غذائي جُزن کي مناسب طريقي سان جذب ڪندو آهي ته ميٽابولزم جي رفتار تيز ٿيندي آهي جيڪا وزن ۾ گھٽتائي کي هٿي ڏيندي آهي.
کنگهه ۽ زڪام
ڦودني ۾ مينٿول هوندو آهي، هڪ خوشبودار ڊيڪنجسٽنٽ (decongestant) آهي جيڪو بلغم کي ٽوڙڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ان سان بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ سولو ٿي ويندو آهي.
بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪندو آهي
ڦودني ۾ موجود اهم جُز مينٿول هاءِ بلڊ پريشر کي سولائي سان ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو.
You might also like