آصف زرداري ۽ شهباز شريف جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف وچ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
گذريل ڏينهن ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ حڪومت سازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ٻنهي پارٽين گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.
ذريعن موجب، شهباز شريف، آصف زرداري سان ملاقات دوران نون ليگ قائد نواز شريف جو پيغام پهچايو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن حڪومت سازي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو، ملاقات دوران اسيمبلي ميمبرن جي نمبر گيم تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ٻئي اڳواڻ آزاد ميمبرن سان رابطو ڪرڻ بعد ٻيهر ملاقات ڪندا، مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات دوران وزيراعظم ڪير هوندو ان تي اڃا تائين ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، وزيراعظم جي ايجنڊا تي نمبر گيم ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
ياد رهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن لاهور پهتا هئا ٻئي ڄڻا پارٽي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.