ڊيويليئرز جو ڪوهلي ۽ انوشڪا بابت پنهنجي بيان تي يوٽرن

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز انوشڪا شرما جي ڳورهاري هجڻ واري خبر جي ترديد ڪري ڇڏي.
گذريل ڪجهه مهينن کان ڀارتي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي گهرواري اداڪارا انوشڪا شرما جي ڳورهار هجڻ جا افواهه گردش ڪري رهيا هئا پر جوڙي پاران اهڙن افواهن تي ڪنهن به قسم جو تبصرو سامهون نه اچڻ کانپوءِ اي بي ڊيويليئرز پاران تصديق ڪئي وئي هئي.
اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان پنهنجي آن لائين شو دوران دعويٰ ڪئي هئي ته جوڙو ٻئي ٻار جي پيدائش جي اوسيئڙي ۾ آهي، اِهو ئي سبب آهي جو ڪوهليءَ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچن تان هٿ کڻي ورتو.
هاڻ اي بي ڊيويليئرز پنهنجي بيان تان يوٽرن وٺندي چيو ته هن غلط ڄاڻ شيئر ڪري وڏي غلطي ڪئي.
اي بي ڊيويليئرز چيو ته سندس معلومات غلط هئي ، اصل معاملو ڇا آهي ۽ سندن فيملي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ان بابت ڪنهن به صحيح ڄاڻ نه آهي.
ڊيويليئرز ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز تان وقفو وٺڻ پٺيان ڪهڙو به سبب هجي پر مون کي اميد آهي ته ويرات پنهنجي ڪٽنب سان بلڪل ٺيڪ هوندو ۽ مضبوطي سان ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.