رتوديرو ۾ پرائمري استاد گوليون هڻي قتل

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتوديرو ڀيرسان وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پرائمري استاد کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

وڏا ٻوسڻ واري علائقي ۾ هٿياربندن 50 ورهين پرائمري استاد علي جلباڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول پرائمري استاد جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ هو ته واقعو پراڻو تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.